Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:9 - Sindhi Bible

9 منهنجن قانونن تي هليو هوندو، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪئي هوندائين، ۽ سچائي جي هلت ڪئي هوندائين، اُهو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ سچار آهي ۽ جيئرو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:9
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي سڄي ۽ سچيءَ دل سان منهنجي اڳيان هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ٿي هليو، ۽ جيڪي حڪم مون توکي ڏنا آهن انهن سڀني موجب تون هر طرح ڪندين، ۽ منهنجن قانونن ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀالي تعميل ڪندين؛


سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي.


۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو اوهين منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، نڪي اوهان منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي آهي، پر جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن جي دستورن تي هليا آهيو.


جيڪڏهن اُنهي کي ڪو پٽ ڄمندو جو چور هوندو يا خوني هوندو، ۽ جو انهن مان ڪو ڪم ڪندو هوندو؛


جنهن غريبن کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ نہ وياج نہ ٻيو ڪجهہ ورتو اٿس، ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي اٿس، ۽ منهنجي قانونن تي هليو آهي؛ اُهو پنهنجي پيءُ جي گناهن ڪري نہ مرندو، اُهو يقيناً جيئرو رهندو.


انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ڇالاءِ پٽ پيءُ جو گناهہ نٿو کڻي؟ جڏهن پٽ ڪو ڪم ڪيو آهي، جو قاعدي موجب درست آهي، ۽ منهنجن سڀني قاعدن جي سنڀال ڪئي اٿس، ۽ انهن جي تعميل ڪئي اٿس، تڏهن هو يقيناً جيئرو رهندو.


۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي.


پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.


جي شرير گروي رکيل شيءِ موٽائي ڏيندو، ۽ چورايل مال موٽائي ڏيندو، ۽ حياتيءَ جي قانونن تي هلندو، ۽ ڪوبہ گناهہ نہ ڪندو، تہ اُهو ضرور جيئرو رهندو، مرندو ڪين.


۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.


نيڪيءَ کي ڳوليو، نہ بديءَ کي، تہ اوهين جيئرا رهو: تہ پوءِ خداوند لشڪرن جو خدا اوهان سان ٿيندو جيئن اوهين چئو ٿا.


پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي گهراڻي کي ٿو فرمائي، تہ منهنجا طالب ٿيو تہ جيئرا رهندا:


ڏس، هن جو روح مغرور ٿي ويو آهي، اُهو منجهس سچو ناهي، پر راستباز پنهنجي ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.


تنهنڪري آئون انهي سعيي ۾ آهيان تہ هميشہ خدا ۽ ماڻهن جي نسبت ڪنهن بہ ڏوهہ جي ڪري منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪري.


ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


۽ جيڪڏهن اسين خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هنن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ راستبازي ليکي ويندي، جيئن ڪ هن اسان کي فرمايو آهي.


جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا تہ هو راستباز آهي، تہ اها بہ خبر اٿوَ تہ جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو هن مان پيدا ٿيو آهي.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ