Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:4 - Sindhi Bible

4 ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهن خونين جي پٽن کي هن قتل نہ ڪيو: جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ خداوند حڪم ڪري فرمايو تہ پيئر پٽن جي بدران قتل نہ ڪبا، نڪي پٽ پيئرن جي بدران قتل ڪبا؛ پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مرندو.


ڀلي تہ خود سندس اکيون سندس تباهي ڏسن، ۽ ڀلي تہ هو قادر مطلق جي ڪاوڙ پيئي.


جيڪڏهن تنهنجي اولاد هن جي خلاف گناهہ ڪيو آهي ۽ هن انهن کي، انهن گناهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي:


خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،


ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.


پر سڀڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندو: جيڪو کٽي ڊاک کائيندو، تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا.


جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اسرائيل ۾ انهي پهاڪي ڪم آڻڻ جو اوهان کي وري موقعو نہ ملندو.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سچار هوندو ۽ اُهو ڪم ڪندو جو قاعدي موجب ۽ درست آهي،


جڏهن آءٌ ڪنهن شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين؛ ۽ تون هن کي خبردار نہ ڪرين، ۽ شرير کي سندس شرارت واري رستي کان خبردار ٿيڻ لاءِ نہ سمجهائين تہ هن جي حياتي بچي؛ تڏهن اُهو ساڳيو شرير ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو، پر ان جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.


جيڪڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ اي شرير شخص، تون ضرور مرندين، ۽ تون انهي شرير کي سندس رستي کان خبردار نہ ڪندين، تڏهن اُهو شرير شخص پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ توکان وٺندس.


اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟


خداوند، سڀني جانين جي روحن جو خدا، هن جماعت جي مٿان ڪنهن ماڻهوءَ کي مقرر ڪري،


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.


پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي.


تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ