Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:2 - Sindhi Bible

2 اوهين جو اسرائيل جي ملڪ بابت اهو پهاڪو ڪم ٿا آڻيو، ۽ چئو ٿا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي آهي ۽ ٻارن جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي بني اسرائيل! اوهين پنهنجي ملڪ تي آيل مصيبت بابت اها پراڻي چوڻي ڇو استعمال پيا ڪريو تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين چئو ٿا تہ خدا هن جو گناهہ هن جي اولاد لاءِ گڏ ڪيو رکيو ڇڏي؛ ڀلي تہ هو انهيءَ کي بدلو ڏئي تہ خبر پويس.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


اوهين ڇو منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن جي منهن کي پيهو ٿا؟


جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ منسي بن حزقياہ، يروشلم ۾ ڪيو تنهنجي نسبت آءٌ هنن کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ دربدر ڪري رلائيندس.


اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.


اي آدمزاد، اسرائيل جي ملڪ ۾ ڪهڙي چوڻي آهي تہ ڏينهن وڌي پيا آهن ۽ ڪوبہ رويا پورو نٿو ٿئي؟


ڏس، جيڪو پهاڪو ڪم ٿو آڻي سو هي پهاڪو تنهنجي برخلاف ڪم آڻيندو، ۽ چوندو تہ جهڙي ماءُ آهي اهڙي سندس ڌيءَ آهي.


هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛


خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ


انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ڇالاءِ پٽ پيءُ جو گناهہ نٿو کڻي؟ جڏهن پٽ ڪو ڪم ڪيو آهي، جو قاعدي موجب درست آهي، ۽ منهنجن سڀني قاعدن جي سنڀال ڪئي اٿس، ۽ انهن جي تعميل ڪئي اٿس، تڏهن هو يقيناً جيئرو رهندو.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اسرائيل ۾ انهي پهاڪي ڪم آڻڻ جو اوهان کي وري موقعو نہ ملندو.


۽ بني عمون کي چئُہ تہ خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ٿيو، ۽ جڏهن اسرائيل جي زمين ويران ڪئي ويئي، ۽ جڏهن يهوداہ جو گهراڻو قيد ٿي ويو، تڏهن اوهان خوشي ڪئي:


تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون.


تڏهن هنن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، يوسف جي ڪاٺي، جا افرائيم جي هٿ ۾ آهي تنهن کي ۽ هن جي سنگتين کي، يعني اسرائيل جي فرقن کي آءٌ گڏ ڪندس: ۽ انهي سان گڏ يهوداہ جي ڪاٺي رکندس، ۽ اُهي منهنجي هٿ ۾ هڪ ٿيندا.


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهي سڀ ڳالهيون هن پيڙهيءَ تي اينديون.


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ