حزقي ايل 17:9 - Sindhi Bible9 تون چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اهو ڪو وڌندو ڇا؟ ۽ هو انهي جون پاڙون پٽي ۽ انهي جو ڦر وڍي نہ ڇڏيندا ڇا، تہ اهو ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا تازا نڪرندڙ پن سُڪي سڙي وڃن؟ ۽ پاڙن کان وٺي انهي کي پَٽي ڪڍڻ لاءِ وڏي زور يا گهڻن ماڻهن جي ضرورت نہ ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 هاڻي اي حزقيايل! مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون سمجھين ٿو تہ اها انگورن جي ول سرسبز رهندي؟ ڇا پهريون عقاب انهيءَ جون پاڙون پٽي ۽ انهيءَ جو ميوو وڍي نہ اڇلائيندو؟ اهو عقاب انهيءَ لاءِ ائين ڪندو تہ جيئن اها ول ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا سڀيئي تازا نڪرندڙ پن سڪي سڙي وڃن. انهيءَ کي پاڙن کان پٽي ڪڍڻ لاءِ وڏيءَ طاقت يا گھڻن ماڻهن جي ضرورت نہ پوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |