Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:7 - Sindhi Bible

7 ٻيو بہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ گهڻن کنڀن سان هو: ۽ ڏس، انهي ڊاک جي منهہ پنهنجون پاڙون هن ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجي ٻاري مان پنهنجون ٽاريون هن ڏانهن ڪڍيائين، تہ هو کيس پاڻي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو، جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا. هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين، انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ جي ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ ائين پئي ٿيو، جيسين ڪ هن اُنهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي برطرف ڪري ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.


۽ انهن جي هٿ هيٺ ٽن لکن ۽ ساڍن ستن هزارن ماڻهن جو قواعد سکيل لشڪر هو، جو ڏاڍيءَ بهادريءَ سان جنگ ڪندو هو، ۽ دشمن جي برخلاف بادشاهہ کي مدد ڏيندو هو.


پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟


پوءِ اُهو اُڀرڻ لڳو، ۽ هڪڙو ننڍي قد جو پکڙندڙ ڊاک جو وڻ ٿي پيو؛ جنهن جون ٽاريون ڏانهس ڦريون، ۽ انهي جون پاڙون سندس هيٺان هيون: انهي طرح اُهو هڪڙو ڊاک جو منهہ ٿيو، ۽ ڏار ڪڍيائين، ۽ منجهانئس ٽاريون نڪتيون.


اُهو چڱي زمين ۽ گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هو تہ گهڻيون ٽاريون ڪڍي، ۽ ڦر جهلي، ۽ سهڻي ڊاک ٿئي.


پاڻيءَ جي ڪري اُهو وڌيو ۽ پاڙ هنيائين ۽ اُڀري وڏو ٿيو: ان جون نديون ان جي باغن جي چوڌاري ٿي وهيون؛ ۽ اُن پنهنجون نهرون ميدان جي سڀني وڻن ڏانهن ٿي موڪليون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ