Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هن چوٽيءَ واري ڪومل ٽاري ڇني، ۽ واپار جي ملڪ ۾ کڻي ويو؛ هن اُها سوداگرن جي هڪڙي شهر ۾ آڻي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اها کڻي هو سوداگرن جي ملڪ ۾ ويو ۽ سندن هڪڙي شهر ۾ آڻي رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.


خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.


جن ڳالهين لاءِ تو محنت ڪئي آهي سي تنهنجي لاءِ اهڙيون ٿينديون: جن سان تو ننڍپڻ کان واپار پئي ڪيو آهي تن مان هرڪو پنهنجي جاءِ تي هليو ويندو؛ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.


اڙي تون جو گهڻن پاڻين تي رهين ٿو ۽ بي انداز خزانا اٿيئي، سو تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي ۽ تنهنجي لالچ جو ماڻ اچي ڀريو آهي.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:


هن اُنهي زمين جو ٻج بہ کنيو، ۽ اُهو هن هڪڙي ڀلي زمين ۾ پوکيو؛ هن اُهو گهڻي پاڻيءَ جي پاسي کان بيدمنجون جي وڻ وانگر لڳايو.


ڏس، اسور بہ لبنان ۾ هڪڙو ديودار جو وڻ هو، ۽ سهڻيون ٽاريون هئس، ۽ ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ ۽ وڏي قد جو هو؛ ۽ اُن جي چوٽي گهاٽن ڏارن ۾ هئي.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ