Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:9 - Sindhi Bible

9 پوءِ مون توکي پاڻي سان ڌوتو؛ هائو، مون چڱي طرح تنهنجو رت توتان ڌوئي ڇڏيو، ۽ توکي تيل مکيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ مون تو کي پاڻيءَ سان وهنجاري تنهنجي بدن تي لڳل رت چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪئي ۽ تو کي زيتون جو تيل مکيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو منهنجي دشمنن جي ڏسندي مون لاءِ دسترخانو وڇايو آهي: تو منهنجي مٿي تي تيل مکيو آهي؛ منهنجو پيالو ٽمٽار آهي.


زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.


مون توکي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا، ۽ ملار مڇيءَ جي کل جي جُتي بہ پارائي، ۽ عمدي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي چيلهہ سان ٻڌم، ۽ ريشم جي چادر توکي ڍڪايم.


۽ تنهنجي ڄمڻ جو احوال هي آهي: تہ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن تنهنجو ناڙو نہ وڍيو ويو، ۽ نہ توکي پاڻي ۾ غسل ڏيئي صاف ڪيائون؛ توکي اصل لوڻ نہ لاتائون، ۽ نہ توکي تنجڻ ۾ ويڙهيائون.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي،


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛


۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.


باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.


ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.


تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ