Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:3 - Sindhi Bible

3 ۽ چئُہ تہ خداوند خدا، يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعانين جي زمين ۾ آهي: تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:3
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تارح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ نحور هڪ سؤ اوڻيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.


۽ ابرام ۽ نحور شادي ڪئي. ابرام جي زال جو نالو ساري هو، ۽ نحور جي زال جو نالو ملڪہ هو، جا انهيءَ حاران جي ڌيءَ هئي جو ملڪہ ۽ اسڪہ جو پيءُ هو.


۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


۽ هن بتن جي پيروي ڪرڻ سان تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو، ۽ هن امورين جي سڀني ڪمن موجب ڪيو هو، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.)


يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ هي ڪراهت ۽ شرارت جهڙا ڪم ڪيا آهن، جي سڀني امورين جي ڪمن کان بہ وڌيڪ آهن، جي کانئس اڳي هئا ۽ يهوداہ کي بہ پنهنجن بتن سان گنهگار ڪرايو آهي:


هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:


تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي پسند ڪيو، ۽ جنهن کي تو ڪسدين جي اور مان ڪڍي آندو، ۽ انهيءَ کي ابرهام جو نالو ڏنو؛


اي سدوم جا حاڪم، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ اي عموراہ جي قوم، اوهين اسان جي خدا جي شريعت ڏي ڪن ڏيو.


تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي.


اي آدمزاد، يروشلم کي سندس نفرت جهڙن ڪمن جي خبر ڏي،


۽ تنهنجي ڄمڻ جو احوال هي آهي: تہ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن تنهنجو ناڙو نہ وڍيو ويو، ۽ نہ توکي پاڻي ۾ غسل ڏيئي صاف ڪيائون؛ توکي اصل لوڻ نہ لاتائون، ۽ نہ توکي تنجڻ ۾ ويڙهيائون.


تون پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ آهين، جا پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻارن کي ڌڪاري ٿي؛ ۽ تون پنهنجي ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي ڌڪاريو ٿي: تنهنجي ماءُ حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو.


انهي کي موٽائي مياڻ ۾ وجهہ. جنهن هنڌ تون پيدا ٿيو هئين، جنهن زمين ۾ تون ڄائو هئين، انهي ۾ آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس.


تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي.


پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟


تڏهن جيڪي ماڻهن جا ميڙاڪا کانئس بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي چيائين، تہ اي نانگن جا ٻچا، ايندڙ غضب کان ڀڄڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي چتايو آهي؟


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


پر تون انهن کي يعني حتين کي، امورين کي، ڪنعانين کي، فرزين کي، حوين کي، ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏج؛ جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي:


جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛


۽ ڏکڻ ۾ عويم: ۽ ڪنعانين جي ساري زمين، ۽ مغارہ جو صيدانين جو آهي، تنهن کان وٺي افيق تائين، يعني امورين جي حدن تائين:


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ