2 اي آدمزاد، يروشلم کي سندس نفرت جهڙن ڪمن جي خبر ڏي،
2 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون يروشلم جي وسنديءَ کي ٻڌائي ڇڏ تہ انهيءَ ڪهڙا ڪهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن.
وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.
وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
۽ چئُہ تہ خداوند خدا، يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعانين جي زمين ۾ آهي: تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.
تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا، اي آدمزاد، تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا؟ اُنهن کي سندن ابن ڏاڏن جا ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ؛
اي آدمزاد، تون عدالت ڪندين، تون هن خوني شهر جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن اُن کي سندس سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ.
خداوند هيترو بہ وڌيڪ مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، تون اهولہ ۽ اهوليبہ جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن انهن کي سندن ڪراهت جهڙا ڪم ظاهر ڪري ٻڌاءِ.
قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.