Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 15:4 - Sindhi Bible

4 ڏس، اُها ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اُڇلائي ٿي وڃي؛ باهہ انهي جا ٻئي ڇيڙا ساڙي ڇڏيا آهن، ۽ انهي جو وچ بہ سڙي ويو آهي؛ اُها ڪنهن ڪم جي لائق آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڏس، جيڪڏهن انهيءَ کي ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اڇلايو وڃي، ۽ پوءِ جڏهن باهہ انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن کي ساڙي ڇڏي ۽ انهيءَ جو وچون حصو ڪجھہ بچي وڃي، تڏهن اها ڪنهن ڪم جي لائق رهي ٿي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 15:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين.


۽ زور وارو اهڙو ٿيندو جهڙو مڙهہ، ۽ ان جو ڪم اهڙو جهڙي چڻنگ؛ ۽ اهي ٻئي گڏ سڙندا، ۽ ڪوبہ انهن کي اُجهائڻ وارو ڪونہ هوندو.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


انهي مان ڪا اهڙي ڪاٺي نڪرندي ڇا، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگهجي؟ يا انهي مان ڪا ڪلي ٺاهي سگهبي جنهن تي ڪو باسڻ ٽنگي ڇڏجي؟


ڏس، جڏهن اُها سڄي ساري هئي، تڏهن بہ ڪنهن ڪم جي لائق نہ هئي، تڏهن هاڻي جڏهن باهہ هن کي ساڙي ڇڏيو آهي، ۽ اُها سڙي ويئي آهي، تڏهن اُها ڪيترو نہ گهٽ ڪنهن ڪم جي لائق ٿيندي؟


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن اُهو ڊاک جو وڻ ٻيلي جي ٻين وڻن مان مون سڙڻ لاءِ باهہ کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ ڏيئي ڇڏيندس.


۽ ان جي ٽارين جي ڪاٺيءَ مان باهہ نڪتي آهي، جنهن اُن جو ڦر ساڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري انهي ۾ اهڙي ڪا مضبوط ڪاٺي ڪانهي جا ڪنهن بادشاهہ جي چوب ٿئي. اهو هڪڙو مرثيو آهي، ۽ مرثيي جي بجاءِ رهندو.


مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.


ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.


پر جي اُها ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ڪري تہ نڪمي آهي ۽ لعنتي ٿيڻ کي ويجهو آهي؛ ۽ نيٺ ساڙي وڃي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ