Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 15:2 - Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، ڊاک جو وڻ، يعني ڊاک جي ٽاري جا ٻيلي جي هڪڙي وڻ ۾ آهي، ٻئي وڻ کان ڇا ۾ بهتر آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انگورن جي ول ڪهڙي ڪم جي آهي؟ اها ٻيلي جي وڻن جي برابر تہ نہ آهي، نڪي ان جون ڏانڊيون ڪنهن وڻ جي ڪاٺ جهڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 15:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي، ۽ انهن مان خوشبوءِ پيئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ.


اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو منهہ زيان ٿيون ڪن؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڊاک جي منهہ ٻوُر ڪيو آهي.


آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.


هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


انهي مان ڪا اهڙي ڪاٺي نڪرندي ڇا، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگهجي؟ يا انهي مان ڪا ڪلي ٺاهي سگهبي جنهن تي ڪو باسڻ ٽنگي ڇڏجي؟


پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.


اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.


تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.


اي صنوبر جا وڻ، واويلا ڪر، ڇالاءِ جو ديودار ڪري پيو آهي، ۽ شان وارا شرمندا ٿيا آهن: اي بسني بلوط، واويلا ڪر، ڇالاءِ تہ مضبوط ٻيلو ڪري پيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ