حزقي ايل 14:3 - Sindhi Bible3 اي آدمزاد، هنن ماڻهن پنهنجن بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکيو اٿن: اهڙن ماڻهن کي مون کان ڪو سوال ڪرڻ لازم آهي ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هنن ماڻهن بتن جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري هو وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندا پيا وڃن. ڇا اهي اڃا بہ ائين سمجھن ٿا تہ آءٌ کين ڪو جواب ڏيندس؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس:
۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.