Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:4 - Sindhi Bible

4 اي اسرائيل تنهنجا نبي اهڙا آهن جهڙا ويران هنڌ ۾ لومڙ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ انهن لومڙين جيان بيڪار آهن جيڪي تباهہ ٿيل شهر جي ويران جاين ۾ شڪار لاءِ رلن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو منهہ زيان ٿيون ڪن؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڊاک جي منهہ ٻوُر ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن جي بي عقل نبين جي حال تي افسوس آهي، جي پنهنجي روح جي پيروي ٿا ڪن، ۽ ڏٺو ڪي بہ ڪين اٿن!


اوهين خندقن ۾ نہ ويا آهيو، ۽ نہ اسرائيل جي گهر جي لاءِ ڀت ڏني اٿوَ، انهي لاءِ تہ خداوند جي ڏينهن جنگ ۾ بيهي سگهو.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:


ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ