1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ
هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ تي، کليل جاءِ تي، پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪيو، پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين سندس اڳيان ويهي پيشنگوئي ڪئي.
تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.
تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.
اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛