Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي آدمزاد، تون مسافريءَ جو سامان تيار ڪر، ۽ هنن جي ڏسندي، ڏينهن ڏٺي جو لڏي وڃ: ۽ تون هنن جي ڏسندي پنهنجي جاءِ تان لڏي ٻي جاءِ تي وڃ: شايد هو سمجهن، جيتوڻيڪ باغي گهراڻي جا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:3
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!


اڙي تون جو گهيري اندر ٿو رهين، سو هن ملڪ مان پنهنجي ڳٺڙي کڻي نڪري وڃ.


امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران.


پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:


امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان.


شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي.


انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.


۽ مون ائين ئي ڪيو، جيئن مون کي حڪم مليو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي، ۽ شام جي وقت مون پنهنجي هٿ سان ڀت کي کوٽي ٽُنگ ڪيو؛ ۽ اونداهي ۾ انهي مان سامان ڪڍيم ۽ هنن جي ڏسندي اُهو پنهنجي ڪلهي تي رکي کڻي ويس.


آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


۽ جيڪڏهن هو پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندا ٿين تہ پوءِ هنن کي انهي گهر جي نقشي ۽ ڊول مان، ۽ انهي جي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي رستن کان، ۽ انهي جي سڀني شڪلين، ۽ انهي جي سڀني قانونن، ۽ سڀني رسمن، ۽ سڀني قاعدن کان واقف ڪر، ۽ سندن روبرو اُهي لکي ڇڏ: تہ هو انهي جو نقشو ۽ انهي جا سڀ قانون سنڀالي ياد رکن، ۽ انهن جي تعميل ڪن.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


تڏهن باغ جي مالڪ چيو تہ ڪريان سو ڪريان ڇا؟ هاڻ پنهنجو پيارو پٽ ٿو موڪليان، تہ من انهي جي عزت رکن.


شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها!


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ