Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:2 - Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:2
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو، پر پنهنجي گردن اهڙي سخت ڪيائون جهڙي سندن ابن ڏاڏن ڪئي هئي، جن خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو.


۽ انهيءَ جا قانون، ۽ جيڪو عهدنامو هن سندن ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ۽ جيڪي شاهديون هن کين ڏنيون هيون سي رد ڪري ڇڏيائون؛ ۽ بيهودين ڳالهين جي پٺيان پيا، ۽ مغرور ٿيا، ۽ سندن آس پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، جن قومن جي نسبت ۾ خداوند تاڪيد ڪيو هون تہ انهن جهڙا ڪم متان ڪريو.


انهن ڪيترائي ڀيرا بيابان ۾ هن جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ رڻ پٽ ۾ کيس رنجيدو ڪيو!


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن.


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


انهن انڌن ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر آڻ جن کي اکيون آهن، ۽ انهن ٻوڙن کي جن کي ڪن آهن.


اهي نٿا ڄاڻن نڪي ويچار ڪن ٿا، جو هن انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿا سگهن؛ ۽ هن انهن جون دليون سخت ڪيون آهن جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن.


تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.


مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛


ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا.


انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.


هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي.


۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.


چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.


۽ تون انهن فسادين کي، يعني اسرائيل جي گهراڻي کي چئج تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن سي اوهان جي لاءِ بس آهن.


تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين.


تڏهن هن چيو تہ اوهان کي خدا جي بادشاهت جي رازن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي؛ پر ٻين کي مثالن طور ٻڌايو ويو آهي، تہ اُهي ڏسندي نہ ڏسن، ۽ ٻُڌندي نہ سمجهن.


”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“


پر هنن جون دليون سخت ٿي ويون؛ ڇالاءِ جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو پيل ٿو رهي؛ جو پردو مسيح ۾ کڄي ويو.


ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛


يعني اهي وڏيون آزمائشون، ۽ نشان، ۽ وڏا معجزا جي تنهنجين اکين ڏٺا:


پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو.


هيءَ ڳالهہ ياد رک، ۽ ڪڏهن نہ وسار، تہ ڪيئن نہ بيابان ۾ تو خداوند پنهنجي خدا کي ڪاوڙايو: جنهن ڏينهن کان تون مصر جي ملڪ مان نڪتو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين، تو خداوند جي برخلاف فساد پئي ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ