Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:9 - Sindhi Bible

9 ۽ آءٌ اوهان کي انهي منجهان ڪڍي ڌارين جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اوهان ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ اوهان کي هن شهر مان تڙي ڪڍندس ۽ ڌارين جي حوالي ڪندس. آءٌ اوهان جي قتلام جو فيصلو ڪري چڪو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ بي گناهہ رت جي ڪري، جو هن وهايو هو؛ ڇالاءِ جو هن يروشلم کي بي گناهہ رت سان ڀري ڇڏيو هو: ۽ خداوند معافي ڏيڻ نٿي گهري.


اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين وڏا ڏوهاري ٿيا آهيون؛ ۽ پنهنجن گناهن ڪري اسين، ۽ اسان جا بادشاهہ، ۽ اسان جا ڪاهن، ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾، ترار، ۽ قيد، ۽ ڦرلٽ، ۽ شرمندگيءَ جي لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


تڏهن فينحاس اٿي انصاف ڪيو: پوءِ طاعون بند ٿي ويو.


۽ هُن انهن کي قومن جي حوالي ڪيو؛ ۽ جن کي انهن سان نفرت هئي سي مٿن حڪومت هلائڻ لڳا.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


تنهن ڪري اوهين جي آهيو، ۽ سڀ قيدي جن کي مون يروشلم مان بابل ڏي موڪلي ڇڏيو آهي، خداوند جو ڪلام ٻڌو.


تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو جي اوهان شهر جي وچ ۾ رکيا آهن، سي اُهو گوشت آهن ۽ هي شهر اُها ديڳ آهي: پر اوهين انهي منجهان ٻاهر ڪڍيا ويندا.


۽ آءٌ توتي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس جهڙي انهن زالن تي ڪبي آهي جي شاديءَ جو حق ڀڃنديون آهن؛ ۽ آءٌ ڪاوڙ ۽ ريس جو خون تنهنجي سر تي آڻيندس.


۽ هو تنهنجا گهر باهہ سان ساڙيندا، ۽ گهڻين زالن جي اڳيان توتي فتوائن جي تعميل ڪندا؛ ۽ آءٌ توکي ڪڃري ٿي گذارڻ کان بند ڪري ڇڏيندس، ۽ اڳتي وري تون ڪنهن کي خرچي نہ ڏيندينءَ.


۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس؛ آءٌ پنهنجي غضب جي باهہ توتي ڦوڪي وجهندس: ۽ آءٌ توکي جهنگلي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي ماري چٽ ڪرڻ ۾ هوشيار آهن.


انهي طرح آءٌ مصر ۾ عدالتون ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس.


۽ هن کي عدالت ڪرڻ جي پڻ اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ تہ هو ابن آدم آهي.


ڇالاءِ تہ هو تنهنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جي تون بدي ڪرين تہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو هو ترار بي سبب نٿو کڻي: هن ڪري جو هو خدا جو خادم آهي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.


خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا.


انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ