4 تنهنڪري انهن جي برخلاف نبوت ڪر، اي آدمزاد نبوت ڪر.
4 تنهنڪري هاڻي تون انهن جي خلاف منهنجو پيغام ٻڌائي ڇڏ. هائو، اي آدمزاد! تون کين ٻڌائي ڇڏ.“
وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.
اي آدمزاد، پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجو ڪلام ڪڍ، ۽ اسرائيل جي ملڪ جي برخلاف نبوت ڪر؛
اي آدمزاد، پنهنجو رخ بني عمون ڏانهن رک ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر:
تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.
قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.