Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ روح مون کي مٿي کڻي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري در وٽ آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي: ۽ اُتي دروازي جي لنگهہ تي پنجويهہ ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ آيا؛ ۽ انهن ۾ مون قوم جا سردار، يازنياہ بن عزور، ۽ فلطياہ بن بناياہ ڏٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ خدا جي روح مون حزقي‌ايل کي مٿي کڻي هيڪل جي اوڀر واري دروازي وٽ آندو. اتي دروازي جي لنگھہ وٽ مون کي پنجويهہ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ قوم جا ٻہ اڳواڻ يازنياہ ولد عزور ۽ فلطياہ ولد بناياہ پڻ شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.


۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو.


هاڻي جڏهن لشڪرن جي سڀني سردارن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سراياہ بن تخومت نطوفاتي، ۽ يازنياہ، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت.


اي سدوم جا حاڪم، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ اي عموراہ جي قوم، اوهين اسان جي خدا جي شريعت ڏي ڪن ڏيو.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


۽ ڪروبين پنهنجا پر مٿي کنيا ۽ منهنجي ڏسندي زمين تان چڙهي مٿي هليا ويا، ۽ ڦيٿا بہ سندن پاسي سان چڙهيا: ۽ اُهي وڃي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري لنگهہ جي در تي بيٺا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال انهن جي مٿان هو.


۽ هنن جا منهن انهن جهڙا هئا جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا، جهڙا پاڻ هئا تهڙو سندن ڊول هو، انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟


۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو.


هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن.


تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛


تنهن کانپوءِ هو در وٽ آيو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو، ۽ انهي جي ڏاڪن تي چڙهيو؛ ۽ در جي چانئٺ ماپيائين، تہ هڪڙو ڪانو ويڪري ٿي، ۽ ٻي چانئٺ بہ هڪڙو ڪانو ويڪري هئي.


پوءِ هن مون کي هيڪل ۾ آندو ۽ ٿنڀن جي ماپ ڪيائين، تہ انهي جي ويڪر ڇهہ هٿ هِن پاسي ٿي ۽ ڇهہ هٿ هُن پاسي، ۽ اها تنبوءَ جي ويڪر هئي.


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.


يهوداہ جا سردار انهن وانگر آهن جي حد جا نشان کڻي ٿا ڇڏين: آءٌ انهن تي پنهنجي ڪاوڙ پاڻيءَ وانگر اوتي وجهندس.


۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو.


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ