۽ انهيءَ ڪروبيءَ، هنن ڪروبين جي وچ مان پنهنجو هٿ ڊگهيري باهہ تائين آندو، جا ڪروبين جي وچ ۾ هئي، ۽ اُتان باهہ کڻي انهي سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي هٿن ۾ ڏني، جو اُها کڻي ٻاهر ويو.
۽ مون نهاريو ۽ ڏسان تہ ڪروبين جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هڪڙو ڦيٿو هڪڙي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ ٻيو ڦيٿو ٻئي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ انهن ڦيٿن جي صورت فيروزي جي پٿر جي رنگ جهڙي هئي.