Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 10:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هيئن ٿيو تہ هن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان، يعني ڪروبين وچان باهہ ڪڍي وٺ، تڏهن هو اندر وڃي هڪڙي ڦيٿي جي پاسي ۾ بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن خداوند عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي اهو حڪم ڏنو تہ هو پردار آسماني مخلوق هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان گھڙي ٽانڊا کڻي اچي، تڏهن هو اندر گھڙي هڪڙي ڦيٿي جي ڀرسان وڃي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 10:6
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي.


۽ سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي هن چيو، تہ ڪروبيءَ جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچ ۾ وڃ، ۽ ڪروبين جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن سان ٻئي مُٺيون ڀر، ۽ اُهي شهر تي پکيڙي ڇڏ. ۽ هو منهنجي ڏسندي اندر ويو.


۽ ڪروبين جي پرن جو آواز ٻاهرين ايوان تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ۽ اُهو ڄڻ تہ خدا قادر مطلق جي ڳالهائڻ جهڙو آواز هو.


۽ انهيءَ ڪروبيءَ، هنن ڪروبين جي وچ مان پنهنجو هٿ ڊگهيري باهہ تائين آندو، جا ڪروبين جي وچ ۾ هئي، ۽ اُتان باهہ کڻي انهي سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي هٿن ۾ ڏني، جو اُها کڻي ٻاهر ويو.


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ