Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 10:3 - Sindhi Bible

3 هاڻي جڏهن اُهو ماڻهو اندر ويو، تڏهن ڪروبي گهر جي سڄي پاسي بيٺا هئا؛ ۽ بادل اندرئين ايوان کي ڀري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جنهن وقت هو اندر ويو، تنهن وقت پردار آسماني مخلوقات هيڪل جي ڏاکڻي پاسي بيٺل هئا. تڏهن هڪڙو ڪڪر اندرين اڱڻ ۾ ڇانئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 10:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.


۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.


۽ خداوند جو جلال انهي دروازي جي رستي گهر ۾ آيو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اندرئين ايوان جو در جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، سو ڪم ڪار ڪرڻ وارن ڇهن ڏينهن ۾ بند رهندو؛ پر سبت جي ڏينهن اُهو کلندو، ۽ نئين چنڊ واري ڏينهن بہ اُهو کوليو ويندو.


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.


۽ اسرائيل جي خداوند جو جلال، جو ڪروبي تي هو، سو اُتان نڪري گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو: ۽ جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي چيلهہ ۾ ڪاتبن جو قلمدان هو، تنهن کي هن سڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ