Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 10:2 - Sindhi Bible

2 ۽ سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي هن چيو، تہ ڪروبيءَ جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچ ۾ وڃ، ۽ ڪروبين جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن سان ٻئي مُٺيون ڀر، ۽ اُهي شهر تي پکيڙي ڇڏ. ۽ هو منهنجي ڏسندي اندر ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن خداوند عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي فرمايو تہ ”تون پردار آسماني مخلوق جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان اندر گھڙي وڃ ۽ پردار آسماني مخلوق جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن مان ٻئي مٺيون ڀري کڻي اچ ۽ اهي يروشلم شهر جي مٿان هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏ.“ تڏهن اهو ماڻهو منهنجي ڏسندي اندر گھڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 10:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


شل انهن تي ٽانڊا وسن: ڀلي تہ اهي باهہ ۾ وڃي پون؛ ۽ اونهيءَ کڏ ۾ جتان وري نہ نڪرن.


هو ڪروبيءَ تي سوار تي اُڏاڻو: هائو هو هوا جي پرن تي تکو اُڏاڻو.


۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


باقي انهن ساهہ وارن جي شڪل باهہ جي ٽانڊن جهڙي هئي، ۽ مشعلن وانگي ٿي ڏسڻ ۾ آئي؛ اُها باهہ انهن ساهہ وارن منجهہ پي چڙهي ۽ لٿي؛ ۽ اُها باهہ چمڪندڙ هئي ۽ انهي باهہ مان وڄ پي نڪتي.


۽ جڏهن ڪروبي هليا ٿي، تڏهن ڦيٿا بہ سندن ڀرسان ٿي هليا: جڏهن ڪروبين زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر ٿي کنيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا.


۽ ڏسو، جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي ڪمر ۾ قلمدان هو، تنهن اطلاع ڏئي چيو تہ جيئن تو حڪم ڏنو آهي، تيئن مون ڪيو آهي.


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ