5 ۽ انهيءَ جي وچ مان چئن ساهہ وارن جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ انهن جي صورت انسان جي شڪل جهڙي هئي.
5 ۽ انهيءَ شيءِ مان چار ساهوارا مخلوق ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي انساني صورت جهڙا هئا.
۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
پوءِ ڪروبي مٿي چڙهي ويو: اهو ئي ساهہ وارو هو جنهن کي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هو.
جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هي بہ ٿي بيٺا: ۽ جڏهن هو چڙهيا ٿي تڏهن هي بہ انهن سان گڏ ٿي چڙهيا: ڇالاءِ جو انهي ساهہ واري جو روح انهن ۾ هو.
اهو هو اُهو ساهہ وارو، جو ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، اسرائيل جي خدا هيٺان مون ڏٺو؛ ۽ مون کي معلوم ٿيو تہ اهي ڪروبي آهن.
۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.