Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:4 - Sindhi Bible

4 ۽ خداوند، بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندو، ۽ بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر آءٌ بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندس. بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽن ڏينهن تائين ماڻهن هڪ ٻئي کي نٿي ڏٺو، نڪي منجهائن ڪوبہ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو: پر سڀني اسرائيل جي گهرن ۾ سوجهرو هو.


۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.


تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي زمين، جتي منهنجي اُمت ٿي رهي، سا ڌار ڪندس، تہ اتي مکين جا ميڙ نہ ٿين؛ انهيءَ لاءِ تہ توکي خبر پوي تہ دنيا ۾ آءٌ ئي خداوند آهيان.


رڳو جشن جي زمين ۾، جتي بني اسرائيل هئا، اتي ڳڙو ڪونہ پيو.


۽ خداوند هڪڙو وقت مقرر ڪيو ۽ چيائين تہ سڀاڻي خداوند هن ملڪ ۾ ائين ڪندو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند ائين ئي ڪيو، يعني مصرين جو سڀ چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.


۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ