Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:34 - Sindhi Bible

34 ۽ جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن ۽ ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن اڳي کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ توڙي سندس نوڪرن پنهنجي دل سخت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن، ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن هن پنهنجي رعيت سميت وري اڳي وانگر پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.


۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو.


۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي.


پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين؛ ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويا، ۽ مينهن بہ زمين تي وسڻ کان جهلجي ويو.


سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي، ۽ بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين؛ جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


ڇالاءِ جو اوهين پنهنجون دليون سخت ٿا ڪريون، جيئن ڪ مصرين، ۽ فرعون پنهنجون دليون سخت ڪيون؟ جڏهن هن انهن منجهہ عجيب ڪم ڪيا تڏهن هنن انهي قوم کي وڃڻ نہ ڏنو ڇا، جو هو هليا ويا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ