32 پر ڪڻڪ ۽ مڱ مارجي ڪين ويا، ڇالاءِ جو اهي اڃا وڌيا ئي ڪين هئا.)
32 پر عام ڪڻڪ ۽ اعليٰ قسم جي ڪڻڪ جو فصل برباد ڪين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڃا سنگ ئي ڪين ڪيا هئا.
۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا.
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهير، تہ مصر جي ملڪ تي مڪڙ اچن، ۽ زمين تي جيڪو وڻ ٻوٽو ڳڙن کان بچيو آهي سو کائي وڃن.
۽ موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ برابر ٽي ڏينهن گهاٽي اوندهہ ٿي ويئي.
۽ اهي زمين جي سطح اهڙي ڀري ڇڏيندا، جو ڪوبہ ماڻهو زمين ڏسي ڪين سگهندو؛ ۽ ڳڙن جي آفت کان جيڪي باقي بچيو آهي، سو اهي کائي ويندا، ۽ جيڪي بہ وڻ جهنگ ۾ اوهان جي لاءِ اُڀرن ٿا، سي سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا:
(۽ ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل مارجي ويو، ڇالاءِ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ ٻج جهليو هو.
پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين؛ ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويا، ۽ مينهن بہ زمين تي وسڻ کان جهلجي ويو.
جڏهن هو انهيءَ کي مٿان سنئون سڌو ڪري ٿو، تڏهن هو جاڻ نٿو ڇٽي ڇا؟ ۽ ٻج نٿو پکيڙي ڇا؟ ۽ ڪڻڪ اوڙين ۾، ۽ جَوَ مقرر جاءِ تي، ۽ ٻاجهري انهي جي ڪناري تي نٿو ڇاٽاري ڇا؟
۽ تون پنهنجي لاءِ ڪڻڪ، ۽ جَوَ ۽ چونرا، ۽ موٺ، ۽ ٻاجهري، ۽ چيڻو کڻ، ۽ اُهي هڪڙي باسڻ ۾ وجهہ، ۽ انهي مان پنهنجي لاءِ مانيون پچائي؛ اوتريون مانيون جيترا ڏينهن تون پنهنجي پاسي تي سمهيو پيو هوندين، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن انهن مان پيو کائج.