Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ بعل جي نبين کي چيو تہ اوهين پنهنجي لاءِ هڪڙو ڍڳو چونڊي ڪڍو، ۽ پهرين اُنهيءَ کي تيار ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين گهڻا آهيو؛ ۽ پنهنجي معبود جو نالو وٺي سڏيو، پر هيٺان باهہ نہ رکو.


هاڻي خداوند درياهہ ۾ آفت آندي، تنهن کي ست ڏينهن گذري ويا.


هن چيو تہ سڀاڻي لاءِ. تڏهن موسيٰ چيو تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن ئي ٿيندو؛ ڀلي تہ توکي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گهرن مان، تنهنجن نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليا ويندا، رڳو درياهہ ۾ وڃي بچندا.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


تڏهن خداوند فرمايو تہ مون تنهنجي چوڻ موجب انهن کي معافي ڏني:


۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ