Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن هارون پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهيريو، تہ ڏيڏر ڪاهي آيا، ۽ مصر جو سارو ملڪ ڀري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سو مصر ۾ جيترو بہ پاڻي هو، تنهن تي هارون پنهنجو هٿ ڊگھيريو تہ ڏيڏر ٻاهر نڪري آيا ۽ مصر جي سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.


۽ هن چيو تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو جهڙو ٻيو خدا ڪونهي، نہ آسمان ۾ نہ زمين ۾؛ تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو جي پنهنجي سموريءَ دل سان تنهنجي اڳيان ٿا هلن:


انهن جو ملڪ ڏيڏرن سان ڀرجي ويو، ۽ اهي بادشاهہ جي ڪوٺين ۾ گهڙي ويا.


ڪيئن هن انهن منجهہ مکين جا ميڙ موڪليا، جي کين کائي ويون؛ ۽ ڏيڏر موڪيائين، جن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


اي خداوند، معبودن ۾ ٻيو تو جهڙو ڪونهي؛ نڪي تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.


جبل پيدا ٿيا، يا تو زمين ۽ جهان کي جوڙيو، تنهن کان اڳي بلڪ ازل کان وٺي ابد تائين تون ئي خدا آهين.


تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئو تہ پنهنجي لٺ کڻي، پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهير، يعني انهن جي ندين تي، انهن جي نهرن تي، انهن جي تلائن تي ۽ انهن جي سڀني حوضن تي، انهيءَ لاءِ تہ اُهي رت ٿي پون؛ پوءِ مصر جي ساري ملڪ ۾ ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ رت ئي رت ٿي پوندو.


ڇالاءِ جو هن ڀيري آءٌ پنهنجون سڀ آفتون تنهنجيءَ دل تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي، ۽ تنهنجيءَ رعيت تي موڪليندس، تہ توکي خبر پوي تہ ساريءَ زمين تي مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.


پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.


ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.


اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري.


اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


۽ مون انهي ازدها جي وات مان، ۽ حيوان جي وات مان، ۽ انهي ڪوڙي نبيءَ جي وات مان، ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندا ڏٺا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ