4 ۽ ڏيڏر توتي، تنهنجن ماڻهن تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي بہ ڪاهي ايندا.
4 اهي تو تي، تنهنجي ماڻهن تي ۽ تنهنجي نوڪرن تي بہ ڪاهي پوندا.‘“
۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.
هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي.
تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ رڳو هن ڀيري منهنجو گناهہ معاف ڪريو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرو تہ هي موت مون کان هٽائي.
سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.
۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجو هٿ لٺ سوڌو، ندين تي، نهرن تي، ۽ تلائن تي ڊگهير تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.
اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.
ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟
۽ خداوند مصر کي ماريندو، ماريندو بہ ۽ ڇڏائيندو بہ؛ ۽ هو خداوند ڏي موٽندا، ۽ ان کي منٿون آزيون ڪندا، ۽ هو انهن کي شفا ڏيندو.
لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.
هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.
تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري.