پر يهوسفط بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي پٽ يوآس کي، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا هئا، تن منجهان چورائي کڻي ويئي ۽ انهيءَ کي سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. انهيءَ طرح يهورام جي ڌيءَ يهوسبعت، جا يهويدع ڪاهن جي زال هئي، (ڇالاءِ جو هوءَ اخزياہ جي ڀيڻ هئي) تنهن هن کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيو، جنهنڪري هوءَ انهي کي ڪُهي نہ سگهي.