۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.
۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.