Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:20 - Sindhi Bible

20 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير جڏهن فرعون درياءَ تي اچي تہ اڳ وٺي ساڻس ملجانءِ. کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


انهيءَ وقت فرعون جي ڌيءَ درياهہ تي وهنجڻ آئي، ۽ سندس ٻانهيون درياهہ جي ڪناري تي گهمڻ لڳيون؛ ۽ هن ٻوڙن ۾ اهو کارو ڏٺو ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي موڪليائين تہ اهو کڻي اچي.


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي.


جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ آءٌ تو تي، تنهنجن نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي، ۽ تنهنجن گهرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس؛ پوءِ مصرين جا گهر، ۽ جنهن زمين تي اُهي رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.


ڪيئن هن انهن منجهہ مکين جا ميڙ موڪليا، جي کين کائي ويون؛ ۽ ڏيڏر موڪيائين، جن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


هن فرمايو، ۽ انهن جي سڀني سرحدن ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ جُوئون اچي پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ