14 ۽ ماڻهن اهي ميڙي کڻي ڍير ڪيا: ۽ ملڪ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي.
14 ماڻهن اُهي ميڙي کڻي ڍير ڪري ڇڏيا، تہ بہ زمين مان بدبوءِ ٿي آئي.
۽ جيڪو ڍڳو هنن کي ڏنو ويو سو هنن ورتو ۽ اُنهيءَ کي تيار ڪيائون، ۽ صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين بعل جو نالو وٺي پئي سڏيائون، ۽ پئي چيائون تہ اي بعل اسان جي ٻڌ. پر ڪوبہ آواز ڪونہ آيو ۽ نہ ڪنهن جواب ڏنو. ۽ جيڪا قربانگاهہ جوڙي هئائون تنهن جي چوڌاري ٽپڻ لڳا.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ٻہ پهر گذري ويا تڏهن نبوت ڪرڻ لڳا، تان جو شام جي قرباني چاڙهڻ جو وقت اچي پهتو؛ پر نڪو آواز آيو، نڪو جواب آيو، ۽ نڪو ڌيان ڏيڻ وارو هو.
۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.
تڏهن خداوند، موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ جيڪي ڏيڏر گهرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا، سي سڀ مري ويا.
پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.
سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.
۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.
ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟
ڇالاءِ جو خداوند کي سڀني قومن تي ڪاوڙ آهي، ۽ انهن جي سموري لشڪر تي غصو آهي: هن انهن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي، هن انهن کي قتل ٿيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي.
اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ جوج کي اسرائيل ۾ دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ڏيندس، يعني لنگهندڙ جي وادي جا سمنڊ جي اُڀرندي پاسي آهي: ۽ اُتان لنگهي ويندڙن جو رستو بند ٿيندو: ۽ اُتي هو جوج ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي دفن ڪندا: ۽ انهي جو نالو هامون جوج جي وادي رکندا.
پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي.