Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:11 - Sindhi Bible

11 ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گهرن مان، تنهنجن نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليا ويندا، رڳو درياهہ ۾ وڃي بچندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهي ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گھرن مان، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان پري هليا ويندا. اهي رڳو درياءَ ۾ وڃي رهندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا، ۽ جيڪي ڏيڏر خداوند فرعون تي موڪليا هئا، تن بابت موسيٰ کانئس دعا گهري.


تڏهن خداوند، موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ جيڪي ڏيڏر گهرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا، سي سڀ مري ويا.


۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛


تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ