Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:10 - Sindhi Bible

10 هن چيو تہ سڀاڻي لاءِ. تڏهن موسيٰ چيو تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن ئي ٿيندو؛ ڀلي تہ توکي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 فرعون جواب ڏنس تہ ”مون لاءِ سڀاڻي دعا گھُر.“ تڏهن موسيٰ چيس تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.


اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ۽ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب تو کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي.


تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


اي خداوند، معبودن ۾ ٻيو تو جهڙو ڪونهي؛ نڪي تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟


ڇالاءِ جو هن ڀيري آءٌ پنهنجون سڀ آفتون تنهنجيءَ دل تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي، ۽ تنهنجيءَ رعيت تي موڪليندس، تہ توکي خبر پوي تہ ساريءَ زمين تي مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.


سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.


سو اوهين ڪنهن سان خدا جي مشابهت ڪندا؟ يا ڪنهن سان هن جو مقابلو ڪندا؟


پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛


اي خداوند خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي طاقت ڏيکارڻ شروع ڪئي آهي: ڇالاءِ جو آسمان ۾ يا زمين تي ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جو تو جهڙا ڪم ڪري، ۽ قدرتون ڏيکاري سگهندو؟


ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.


اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري.


اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


بس اڄ تون اهو ڄاڻي وٺ، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏ، تہ مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي: ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ