Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون وٽ وڃ ۽ کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جو ملڪ ڏيڏرن سان ڀرجي ويو، ۽ اهي بادشاهہ جي ڪوٺين ۾ گهڙي ويا.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي.


۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.


هاڻي خداوند درياهہ ۾ آفت آندي، تنهن کي ست ڏينهن گذري ويا.


۽ جيڪڏهن تون هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ملڪ جي سڀني سرحدن تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئي ڏانهن ڊگهير؛ ڇالاءِ جو اُهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ يشوع جيڪو نيزو سندس هٿ ۾ هو سو شهر ڏانهن ڊگهيريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ