Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:7 - Sindhi Bible

7 جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو جنهن وقت هنن فرعون وٽ وڃي ساڻس ڳالهايو، تنهن وقت موسيٰ جي عمر اسي سال ۽ هارون جي ٽياسي سال هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يوسف مصر جي بادشاهہ فرعون جي حضور ۾ آيو، تڏهن سندس عمر ٽيهہ ورهيہ هئي. پوءِ يوسف فرعون وٽان روانو ٿي، مصر جو سڄو ملڪ گهميو.


اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ


۽ جڏهن هارون حور جبل تي وفات ڪئي، تڏهن هن جي عمر هڪ سؤ ٽيويهہ ورهيہ هئي.


پر جڏهن هو اٽڪل چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس دل ۾ آيو، تہ وڃي ڏسان تہ منهنجي ڀائرن، بني اسرائيلين جو ڪهڙو حال آهي.


۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.


مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي.


۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


جڏهن موسيٰ وفات ڪئي، تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ هئي: هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت گهٽي هئي.


۽ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، ۽ جيڪي ڪم مون اُتي ڪيا انهن موجب مصر تي مصيبتون موڪليم: ۽ تنهن کان پوءِ مون اوهان کي ٻاهر آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ