Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:5 - Sindhi Bible

5 جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ آءٌ تڪليفن مان لنگهندس، تڏهن بہ تون مون کي بحال ڪندين؛ تون منهنجي دشمن جي ڪاوڙ جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريندين، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مون کي بچائيندو.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.


تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟


جڏهن آءٌ فرعون تي ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس، تڏهن فرعون کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.


۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو.


پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.


تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.


هن چيو تہ سڀاڻي لاءِ. تڏهن موسيٰ چيو تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن ئي ٿيندو؛ ڀلي تہ توکي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي زمين، جتي منهنجي اُمت ٿي رهي، سا ڌار ڪندس، تہ اتي مکين جا ميڙ نہ ٿين؛ انهيءَ لاءِ تہ توکي خبر پوي تہ دنيا ۾ آءٌ ئي خداوند آهيان.


۽ آءٌ سخت ملامتن سان هنن کان وير وٺندس، ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو غضب هنن تي نازل ڪندس.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صيون، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ ۽ اوهان جي وچ ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪيو ويندو: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اُن ۾ فتوائن جي تعميل ڪندس، ۽ اُن ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.


جڏهن آءٌ مصر جي زمين ويران ۽ غير آباد ڪندس، اهڙي زمين جنهن مان اُهي سڀ شيون گم ٿي وينديون، جن سان اُها ڀريل هئي، جڏهن آءٌ اتي جي سڀني رهڻ وارن کي ماريندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ پنهنجي وڏي نالي جي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، جنهن جي اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي، ۽ انهن جي وچ ۾ منهنجي بي ادبي ٿي آهي؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تڏهن اُهي قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن هنن جي اکين اڳيان اوهان ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.


انهي طرح اسرائيل جو گهراڻو ڄاڻندو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي، آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجو پاڪ نالو مشهور ڪندس؛ ۽ وري اڳتي آءٌ پنهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪرڻ نہ ڏيندس: ۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ