Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:21 - Sindhi Bible

21 ۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 درياءَ ۾ جيڪي مڇيون هيون سي سڀ مري ويون ۽ درياءَ بدبودار ٿي پيو. مصر جا ماڻهو درياءَ جو پاڻي پي نہ سگھيا ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن جي پاڻيءَ کي ڦيرائي رت ڪيو، ۽ سندن مڇيون ماري ڇڏيائين.


۽ درياهہ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن، سي سڀ مري وينديون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پوندي؛ ۽ مصرين کي درياهہ جي پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هون؛ هن لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياهہ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياهہ جو سڀ پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.


تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


۽ ماڻهن اهي ميڙي کڻي ڍير ڪيا: ۽ ملڪ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي.


مهاڻا بہ رئندا رڙندا، ۽ جيڪي نيل نديءَ ۾ ڪنڍي ۽ ڄار ٿا وجهن سي حيران پريشان ٿيندا.


۽ سمنڊ جي خلقت جو ٽيون حصو، يعني اُهي جن کي ساهہ هو، سي مري ويا، ۽ جهازن جو ٽيون حصو بہ برباد ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ