Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:20 - Sindhi Bible

20 تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هون؛ هن لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياهہ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياهہ جو سڀ پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياءَ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هن جيحازيءَ کي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ، ۽ منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ، ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃ: جيڪڏهن توکي ڪو ماڻهو گڏجي تہ اُنهيءَ کي سلام نہ ڪج؛ ۽ جيڪو توکي سلام ڪري تہ اُنهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج: ۽ منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي کڻي رکج.


هن انهن جي پاڻيءَ کي ڦيرائي رت ڪيو، ۽ سندن مڇيون ماري ڇڏيائين.


۽ ڪيئن هن انهن جي ندين جو پاڻي ڦيرائي رت ڪري ڇڏيو، ۽ اهي پنهنجن چشمن جو پاڻي بہ پي ڪين سگهيا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون، فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون، جيئن خدا کين حڪم ڏنو هو، يعني هارون پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اُڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.


۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.


خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟


۽ ٻئي ملائڪ تري وڄائي تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل اُڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ