Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:19 - Sindhi Bible

19 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئو تہ پنهنجي لٺ کڻي، پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهير، يعني انهن جي ندين تي، انهن جي نهرن تي، انهن جي تلائن تي ۽ انهن جي سڀني حوضن تي، انهيءَ لاءِ تہ اُهي رت ٿي پون؛ پوءِ مصر جي ساري ملڪ ۾ ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ رت ئي رت ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ کڻي مصر جي سڀني ندين، نهرن، تلائن ۽ حوضن تي پنهنجو هٿ ڊگھيري تہ جيئن اهي رت ٿي پون. پوءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾، ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ بہ رت ئي رت هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:19
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا خشڪيءَ کي زمين سڏيو؛ ۽ گڏ ٿيل پاڻين کي سمنڊ سڏيائين: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.


تنهن تي هن جيحازيءَ کي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ، ۽ منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ، ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃ: جيڪڏهن توکي ڪو ماڻهو گڏجي تہ اُنهيءَ کي سلام نہ ڪج؛ ۽ جيڪو توکي سلام ڪري تہ اُنهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج: ۽ منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي کڻي رکج.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهير، تہ مصر جي ملڪ تي مڪڙ اچن، ۽ زمين تي جيڪو وڻ ٻوٽو ڳڙن کان بچيو آهي سو کائي وڃن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ٿئي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.


۽ تون پنهنجي لٺ کڻ ۽ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهير، ۽ انهيءَ کي چيري ٻہ حصا ڪر؛ ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويندا.


۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهير تہ پاڻي موٽي مصرين تي، ۽ سندن گاڏين تي، ۽ سندن گهوڙي سوارن تي اچي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجي لٺ ڊگهي ڪري زمين جي مٽيءَ تي هڻي، تہ مصر جي ساري ملڪ ۾ جُوئون ٿي پون.


پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين؛ ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويا، ۽ مينهن بہ زمين تي وسڻ کان جهلجي ويو.


۽ ان جا بنياد ڀڄي ڀري ويندا، ۽ مزور غمگين ۽ ملول ٿيندا.


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ