خروج 7:17 - Sindhi Bible17 پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible17 هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: