Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:16 - Sindhi Bible

16 ۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ فرعون کي چئجانءِ تہ ’خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين تہ ”منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن. پر ڏس، تو اڃا تائين منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ جڏهن فرعون اسان کي وڃڻ نٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا، يعني ماڻهن جا پهريتا ٻار، ۽ جانورن جا پهريان ٻچا ماري ڇڏيا: تنهنڪري جيڪي ٻچا پهرين ٿا ڄمن، تن مان نر آءٌ قربان ٿو ڪريان، پر پنهنجن پٽن جي پهريتن جي بدران عيوضو ٿو ڏيان.


۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


تڏهن موسيٰ خدا کي چيو تہ ڏس، جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ چوندوسان تہ اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تڏهن هو مون کي چوندا تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا چوان؟


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي.


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، ٻنهي تي گڏ ظلم ٿا ٿين: ۽ جن انهن کي قيد ڪيو، سي انهن کي قابو ڪيو ويٺا آهن؛ اُهي انهن کي ڇڏي نٿا ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ