Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:10 - Sindhi Bible

10 پوءِ موسيٰ ۽ هارون، فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون، جيئن خدا کين حڪم ڏنو هو، يعني هارون پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اُڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي مصر، هن تو منجهہ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، نشان ۽ عجيب ڪم پڌرا ڪيا.


۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


تڏهن چيائينس تہ اها زمين تي اُڇلاءِ. ۽ هن اها زمين تي اُڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي، ۽ هو انهي وٽان اُٿي ڀڳو.


هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هون؛ هن لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياهہ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياهہ جو سڀ پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.


جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.


۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن.


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ