Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:9 - Sindhi Bible

9 پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي نااميديءَ ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منهنجي دانهن ڪا ماڻهوءَ وٽ آهي ڇا؟ ۽ ڇو آءٌ بي صبر نہ ٿيان.


۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.


اسان توکي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسان جي لاءِ هن رڻ پٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


بڇڙا چڱن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿا؛ ۽ شرير سچن جي درن تي.


ماڻهو جو روح پنهنجي ضعيفائي کڻي وٺندو؛ پر شڪستو روح ڪير کڻي سگهندو؟


پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ