Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:6 - Sindhi Bible

6 تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:6
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

(ڇالاءِ جو هو تنهنجي وڏي نالي جو، ۽ تنهنجي قدرت واري هٿ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن جو ٻڌندا؛) ۽ جڏهن اُهو اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري؛


پر جنهن خداوند اوهان کي وڏي قدرت ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان مصر جي زمين مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن کان اوهين ڊڄجو، ۽ انهيءَ کي اوهين سجدو ڏجو، ۽ انهيءَ لاءِ اوهين قربانيون چاڙهجو:


۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟


هاڻي اهي تنهنجا ٻانها، ۽ تنهنجي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت، ۽ پنهنجي مضبوط هٿ سان ڇڏايو آهي.


اي خدا پاڻيءَ توکي ڏٺو؛ هائو پاڻي توکي ڏسي ڊڄي ويو: ۽ اونهو سمنڊ ڏڪڻ لڳو.


پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو.


مون سندس ڪلهن تان بار لاٿو: ۽ هن جا هٿ کارين کڻڻ کان ڇُٽا.


تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم.


سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.


۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


جن ماڻهن کي تو ڇڏايو، تن جي تو پنهنجيءَ رحمت سان رهبري ڪئي: تو انهن کي پنهنجيءَ طاقت سان پنهنجي پاڪ مڪان تائين پهچايو آهي.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون سڀني بني اسرائيلين کي چيو تہ شام جي وقت اوهان کي خبر پوندي تہ اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ وارو خداوند آهي.


موسيٰ جي سهري يترو، جو مديان جو ڪاهن هو، تنهن جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ لاءِ، ۽ پنهنجي اُمت اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي، ۽ ڪيئن خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:


پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن ٻاهر پنهنجن ڀائرن وٽ ويو ۽ انهن جون تڪليفون ڏٺائين؛ ۽ ڏٺائين تہ هڪڙو مصري، سندس ڀائرن مان هڪڙي عبرانيءَ کي پيو ماري.


۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


پوءِ خدا موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ آءٌ خداوند آهيان.


جو خداوند موسيٰ کي چيو تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


منسي ۽ افرائيم؛ ۽ افرائيم ۽ منسي: ۽ اهي ٻئي گڏجي يهوداہ جي برخلاف ٿيندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


۽ آءٌ پاڻ ڊگهيريل هٿ سان، ۽ مضبوط ٻانهن سان، بلڪ غصي ۾، ۽ جوش ۾، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اوهان سان وڙهندس.


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


۽ نشانين ۽ عجيب غريب قدرتن سان، ۽ مضبوط هٿن سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏي هيبت سان، پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس:


هن اسرائيلي اُمت جي خدا اسان جي ابن ڏاڏن کي چونڊي ڪڍيو، ۽ جڏهن اُها اُمت مصر ملڪ ۾ مسافر ٿي رهندي هئي، تڏهن اُن کي سرفراز ڪيائين، ۽ زور واري ٻانهن سان کين اُتان ڪڍي آيو.


۽ اوهين اڄوڪي ڏينهن اهو سمجهي وٺو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي اولاد سان نٿو ڳالهايان، جن کي نڪا خبر آهي، نڪي ڏٺو اٿن، تہ خداوند اوهان جي خدا جي سيکت، ۽ هن جي عظمت، ۽ هن جي زوراور هٿ، ۽ هن جي ڊگهيريل ٻانهن سان ڇا ڇا ٿيو،


۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان.


۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو:


اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.


يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟


تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.


تڏهن خبردار ٿج، متان خداوند کي وساري ڇڏين، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو.


پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين.


نيٺ بہ اهي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي ميراث آهن، جن کي تو پنهنجيءَ وڏي قدرت سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ڪڍي آندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ