Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:4 - Sindhi Bible

4 ۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مون انهن سان پنهنجو عهد ٻڌو هو تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو ڌارين وانگر رهندا هئا سو کين ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:4
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.


ڏس، منهنجو تو سان عهد آهي، تون گهڻين قومن جو پيءُ ٿيندين.


آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان: مون کي پاڻ وٽ قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪر ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مردو پنهنجيءَ نظر کان پاسي ڪري، اتي دفن ڪريان.


تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.


آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛


۽ ڏسي تہ خداوند انهيءَ جي مٿان بيٺو آهي، ۽ چويس ٿو تہ آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابرهام جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا آهيان. جنهن زمين تي تون ستو پيو آهين، سا آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛


شل توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد کي، ابرهام واري برڪت ڏئي، تہ هي ملڪ، جو خدا ابرهام کي ڏنو هو، ۽ جنهن ۾ تون مسافر ٿي پيو گذارين، سو توکي ورثي ۾ ملي.


پر آءٌ تو سان پنهنجو عهد قائم ڪندس؛ تون، تنهنجا پٽ، تنهنجي زال ۽ تنهنجن پٽن جون زالون اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو.


تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي.


۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجي ميراث ٿئي.


انهي وقت اهي شمار ۾ ٿورا هئا؛ بلڪ تمام ٿورا، ۽ انهي ملڪ ۾ مسافر هئا.


اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو.


۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.


۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.


۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ