Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:12 - Sindhi Bible

12 تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي موسيٰ خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”جڏهن بني اسرائيل ئي منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي تڏهن فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن ٻڌندو؟ خاص ڪري جڏهن تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو بہ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن موسيٰ، خدا کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟


تڏهن موسيٰ خدا کي چيو تہ ڏس، جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ چوندوسان تہ اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تڏهن هو مون کي چوندا تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا چوان؟


تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.


تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو ۽ کين بني اسرائيل لاءِ، ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ پيغام ڏنائين، ۽ چيائين، تہ بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچو.


تڏهن موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪيو تہ ڏس، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان، سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃندو؟


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.


تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ