Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:1 - Sindhi Bible

1 تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هاڻي تون ڏسجانءِ تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان. آءٌ ساڻس زبردستي ڪندس، تڏهن هو منهنجي قوم کي وڃڻ ڏيندو ۽ زبردستيءَ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سردار انهيءَ خدا جي مرد کي ورندي ڏيئي چيو هو تہ هاڻي ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو هوس تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين مگر انهيءَ مان کائيندين ڪين:


تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


خداوند جو ڪلام خالص آهي، انهيءَ چاندي وانگر جا کوري ۾ آزمايل هجي، ۽ ست ڀيرا صفا ڪيل هجي.


هائو، پنهنجي زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙي آفت آءٌ فرعون تي ۽ مصر تي آڻيندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، ۽ جڏهن هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، تڏهن پڪ آهي تہ هو اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو.


تڏهن رات جو ئي هن موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اُٿو، اوهين ۽ بني اسرائيل منهنجن ماڻهن منجهان نڪري وڃو، ۽ جيئن اوهان چيو آهي، تيئن وڃي خداوند جي عبادت ڪريو.


۽ مصرين انهن ماڻهن تي زور لاتو تہ جلد ملڪ مان نڪري وڃن، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسين سڀ مري وينداسين.


۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.


پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ.


يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!


هن اسرائيلي اُمت جي خدا اسان جي ابن ڏاڏن کي چونڊي ڪڍيو، ۽ جڏهن اُها اُمت مصر ملڪ ۾ مسافر ٿي رهندي هئي، تڏهن اُن کي سرفراز ڪيائين، ۽ زور واري ٻانهن سان کين اُتان ڪڍي آيو.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ